ڳوٺاڻي تي تشدد ڪندڙ وڏيرو فرار، جرڳو ڪندڙ ڀوتار گرفتار

دادلوءِ (حضرت گل پٺاڻ) هٿ ٺوڪي جرڳي خلاف عدالت ۾ ويندڙ ڳوٺاڻي تي غير انساني تشدد ڪندڙ وڏيرو روپوش ، جرڳو ڪندڙ ڀوتارگرفتار، مٿس دادلوءِ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڳوٺ حاجي خان مولودي ۾ بااثر وڏيرو امان الله چاچڙ ۽ سندس ساٿين انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي ڳوٺاڻي جمال الدين چاچڙ عرف جمعو کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس تذليل ڪئي. 

وڏيرو امان الله ۽ سندس ساٿي جماالدين چاچڙ تي تشدد ڪندي

جنهن جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد آ3 جي سنڌ نوٽيس ورتو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو. اهڙي ڄاڻ بعد تشدد ۾ ملوث وڏيرو ۽ سندس ساٿي روپوش ٿي ويا جڏهن ته پوليس جرڳو ڪندڙ وڏيري علي بخش کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته جوابدار امان الله چاچڙ ۽ سندس 2 ساٿي اڌڙوٽ عمر جي ڳوٺاڻي جمال الدين چاچڙ کي روڪي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. جوابدار ڳوٺاڻي کي گاريون ڏئي گهليندا رهيا ۽ سندس ٽوپي مٽيءَ ۾ اُڇلي منهن تي ڌُوڙ وجهندا رهيا. اُن موقعي تي ڳوٺاڻو پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندو رهيو پر سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ تشدد ڪندا رهيا.  ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته امان الله چاچڙ ڊگهي عرصي کان ڳوٺاڻي جمال الدين جي زمين ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، کين دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ جمال الدين جي پُٽ نذير چاچڙ تي ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو. جنهن جو جرڳو وڏيرو علي بخش ڪيو. امان الله چاچڙ نوجوان تي پنهنجي ڀاڄائيءَ سان ڪارنهن الزام مڙهيو، جڏهن ته جمال الدين چاچڙ تي سڱ چٽي به وڌي ۽ ڪارنهن الزام هيٺ آيل سندس پُٽ کي ڳوٺ نيڪالي ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي. ڳوٺاڻو جمال الدين چاچڙ جرڳي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ته پلاند ۾ جوابدارن کيس رستي تي روڪيو ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. ٻئي پاسي جماالدين پاران سيشن ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي 15 آگسٽ تي مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو