ڳوٺاڻن جو 3 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف احتجاج

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) واپڊا وارن ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، متاثره ڳوٺاڻن جو احتجاج، بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو. پنج ڏينهن اڳ ڳوٺ مجاهد ڏاهاڻي ۾ جوءِ ۾ چرندڙ مال مٿان يارنهن هزار جي تار ڪرڻ  سبب ٻه مينهون مري وڄڻ ۽ هڪ ماڻهون زخمي ٿيڻ واري خبر سنڌ يار  نيوز ۾  هلڻ کان  پوء ڪنڌڪوٽ جي دڙي فيڊر جو ايس ڊي او خالد باجڪاڻي ۽ لائين مين احمد ڀيو  ڏمرجي پيا، ڳوٺ مجاهد ڏاهاڻي ,نصير خان ڀيو قياص ڀيو۽ حامد ملڪ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي گذريل ٽن ڏينهن کان ڪاٽي ڇڏي جنهن سبب لڱ ساڙيندڙ گرمي هجڻ سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن. ڳوٺاڻن نصر الله ڀيو ۽ حافظ نياز ڀيو جي اڳواڻي ۾ دڙي فيڊر جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته عملي جي لاپروايهي سبب يارنهن هزار لائن ۾ هلڪي تار هجڻ ڪري ڪري پئي، جنهن سبب اسانجون ٻه ڀلوڙ مينهون مري ويون ڪنڌڪوٽ جي دڙي فيڊر جي اهڙي لا پرواهي سبب اسين دڙي فيڊر خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته عملو ڏمرجي پيو ۽ اسانجي بجلي ڪاٽا ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مري ويل مال جو معاوضو ڏيو ۽ بجلي بحال ڪري عملي کي هٽائي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو