ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز ( رپورٽ منظور ملڪ)ڀرياسٽي بااثرن جي مبينا زيادتين ۽ زمين تي  قبضي ۽ گھرن تي حملي خلاف ڳوٺ جلال تـنيو  ڳوٺاڻن  عورتن ۽ مردن جو  احتجاجي مظاھرو‚  بااثرن گذريل رات اسان جي گھرن تي حملو ڪري اسان کي ڳوٺ مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو آھي : متاثر عورتون ۽ مرد خبر موجب ڀرياسٽي پريس ڪلب ڀرياسٽي آڏو ڳوٺ جلال تنيو جي رھواسي مردن ۽ عورتن محمد زريف تنيو ‚ رفيق تنيو ‚ مسمات عزت خاتون ‚ مسمات۔  ھدايت خاتون تنيو احتجاج ڪندي دانھيون تـ گذريل رات برادري جي بااثرن محمد رمضان تنيو ۽ زاھد شاھد تنيو  زمين جي پراڻي تڪرار تان اسان جي گھرن تي حملو ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏئي مارڪٽ ڪري ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو آھي  جنھن جي دانھن اسان ڀرياسٽي ٿاڻي تي کڻي آياسين تـ پوليس ٿاڻي تان موٽائي ڇڏيو آھي ھنن چيو تـ اسان دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھيون اسان کي برادري جي بااثرن مان جاني مالي خطرو آھي‚ ھنن چيو تـ اسان جي ھڪ ڀيڻ نالي عظيمان کي بااثرن حيدرآباد ۾ يرغمال ڪري رکيو آھي ‚ پر ڀرياسٽي پوليس ڪابـ ڪارروائي نٿي ڪري رھندو ڀريا ٿاڻي جو اي ايس آئي سڪندر ھاجاڻو سندن ونگار وھي رھيو آھي ھنن آئي جي سنڌ  ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ٻئي پاسي رابطي تي ڀرياٿاڻي جي اي ايس آئي سڪندر ھاجاڻو ٻڌايو تـ ھنن جو زاتي مسئلو آھي جنھن جي اين سي داخل ٿيل آھي مامري جي جاچ ڪري رھيا آھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو