گھرو اڻبڻت تان ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

لکي غلام شاهه(رپورٽ نثارمنگي) لکي غلام شاهه لڳ ڳوٺ علي آباد نون ۾ گھرو اڻبڻت تان زبير نون پنھنجي شادي شدا ڀيڻ عزره زال علي اصغر نون کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو ڪارڻ گھرو جيھڙو ٻڌايو پيو وڃي جڏھن ته فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاء لکي غلام شاهه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي ھن مھل تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو