ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهر ڇنڇر تي فلسطينين جي نسل ڪشي بابت خبردار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته “فلسطيني عوامي نسلي صفائي جي سخت خطري” ۾ آهن. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فلسطين ۾ انساني حقن جي صورتحال تي گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسيڪا البانيس چيو آهي ته ”والاريل فلسطيني علائقي ۽ اسرائيل جي صورتحال خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي آهي. البانيس چيو آهي ته”گڏيل قومون ۽ ان جي ميمبر رياستن کي لازمي طور تي ڌرين جي وچ ۾ فوري جنگبندي لاءِ ثالثي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن.”بين الاقوامي برادريءَ جي ذميواري آهي ته اها عام شهرين جو قتل عام روڪرائي، اسرائيل ۽ حماس جي جنگي ڏوهن کان بچائي ۽ وار ڪرائيمز تي ٻنهي ڌرين جو فوري احتساب ڪري.
URGENT- Mass forced displacement of Palestinians has occurred in 1947/49 and 1967, and continued ever since, in less visible but not less painful forms. This time it risks to be as cruel as ever, under our watch, with some member states even risking to enable it. #CeasefireNow. https://t.co/F4oZrI8AHf
— Francesca Albanese, UN Special Rapporteur oPt (@FranceskAlbs) October 14, 2023
هڪ هفتي کان غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن، بجلي، پاڻي، گيس ۽ خوراڪ جي سپلاءِ معطل آهي. تازن انگن اکرن موجب اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2,215 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ 724 ٻار، 458 عورتون به شامل آهن، جڏهن ته 8714 شهري زخمي آهن. غزه جي پٽي حماس جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ سندن صحت واري وزارت ڇنڇر تي جاري ڪيل بيان ۾ اهي انگ اکر ڏنا آهن. رپورٽس موجب اسرائيل غزه جي اترين علائقن ۾ زميني فوج جي حملي کان اڳ عام شهرين کي گذريل ڏينهن علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اتر غزه کان ڏکڻ غزه ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندڙن تي به اسرائيلي فوج حملا ڪيا آهن جنهن ۾ اڍائي سو شهري ماريا ويا آهن.
رپورٽس موجب حماس جي حملن ۾ اسرائيل جي 200 کان وڌيڪ فوجين سميت 1300 شهري مارجي ويا آهن. اسرائيل حماس جي ويڙهاڪن سميت سوين عام شهرين کي گرفتار ڪيو آهي. ڪجهه دير اڳ اسرائيل جي دوري بعد آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري قطر پهتو آهي ۽ قطر ي وزيراعظم سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ۾ اقرار ڪيو ته غزه ۾بيقصور عام شهرين سان زيادتي ٿي رهي آهي، اسين غزه ۾ محفوظ علائقا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن جو تفصيل ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون ايندا. هن چيو ته غزه ۾ خوراڪ پهچائڻ جو به مسئلو آهي. هوڏانهن حماس جي سربراه اسماعيل حنيه چيو آهي ته عزه مان لڏ پلاڻ نه ٿيندي، شهري موجود رهندا، حماس ۽ فلسطينين جون سڀ ويڙهاڪ تنظيمون اسرائيلي فوج سان مقابلي لاءِ تيار آهن.