گڏهه کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪرڻ تي ڪيس داخل

لاکاروڊ(اظھر جلباڻي)ڳوٺ جاڳڻ خان لاشاري ڀرسان فصل جي ڀيل تي آبادگار عبد الجبار ۽ ان جي پٽن ڪهاڙين جا وار ڪري گڏھ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. گڏھ جي مالڪ اهڙي رپورٽ لاکاروڊ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر انتظاميا اڃا تائين گڏھ کي زخمي ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي. اطلاع آھن ته علائقي جا با اثر ماڻهو معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جڏھن ته گڏهه کي ڪهاڙيون هڻڻ واري عمل جي علائقي جي ساڃاهه وندن امجد علي لاشاري ۽ ٻين  سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته جاندار تي ظلم ڪيو ويو آھي. انتظاميا کي گهرجي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو