گڏاڻي جي قتل ۾ خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽ ملوث آهن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پوليس کي ڏنل اقبالي بيان ۾ قتل جو ذميوار خالد خان لنڊ ۽ سندس جي ٻن پٽن کي قرار ڏنو آهي. 164 هيٺ رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ هن چيو آهي ته کيس تمام گهڻيو ڌمڪيون مليون آهن ته بيان نه ڏي، مان هڪ وقت ڊڄي ويو هئس پر صحافتي برادري مون سان گڏ آهي. هن چيو ته شهباز خان لنڊ ۽ نور محمد خان لنڊ منهنجي ڀاءُ جا قاتل آهن، هنن اڳ ۾ ڀاءُ جي رستا روڪ ڪري ڌمڪيون به ڏينون هيون. سندن بڇ ۽ موجودگي ۾ هنن جي گارڊز برڪت ۽ اصغر لنڊ نصرالله تي گوليون هلايون. جوابدارن کيس چيو ته تون خالد خان خلاف گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين، تنهنجي اوقات ڇا آهي؟. هوڏانهن يعقوب گڏاڻي جي وڪيل چيو آهي ته جوابدار طاقتور آهن ۽ شاهدن کي به قتل جون ڌمڪيون ٿا ڏين، عدالت ۾ بيان رڪارڊ نه ڪرائڻ لاءِ شاهدن جي رستا روڪ به ڪئي ٿي وڃي. حڪومت شاهدن کي تحفظ فراهم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو