گڊو بئراج تي 22 هزار ڪيوسڪس پاڻي وڌي ويو،ڪچو خالي

سکر (جئيرام داس ) گڊو بئراج ۾ 24 ڪلاڪن دوران 22 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو آهي، گڊو بئراج ۾ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 5 لک 70 ھزار722 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ھيٺانھون وھڪرو 5 لک40 ھزار650 رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته انتظاميا ڪچي ۾ موجود ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي اچڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي، انتظاميه جو چوڻ آهي ته 24ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج وٽ 50 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي سگھي ٿو، جڏهن ته سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سنڌو سميت سمورن دريائن ۾ لاٿ شروع ٿي وئي آهي، سکر بئراج تي پاڻي جي آمد4 لک 60 هزار 280 ۽ هيٺاهون وهڪرو 4لک18هزار555 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وڪرو2 لک2هزار71۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 97هزار701ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پاڻي وڌڻ سبب گهوٽڪي، سکر، ڪشمور، خيرپور، نوشهرو، لاڙڪاڻو، دادو، مٽياري جي ڪچي وارا علائقا ٻڏي ويا آهن. ماڻهو گهر خالي ڪري پڪي تي نڪري آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو