گوگل پاڪستان کي برآمدي مرڪز بڻائڻ جو منصوبو چاهي ٿو: وزير خزانه

گوگل پاڪستان کي برآمدي مرڪز بڻائڻ جو منصوبو چاهي ٿو: وزير خزانه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته گوگل پاڪستان کي برآمدي مرڪز بڻائڻ چاهي ٿو. ڪراچي ۾ فيوچر سمٽ کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، معيشت ۾ خانگي شعبي جو ڪردار تمام اهم آهي، پيداوار تي ٻڌل معاشي ترقي واحد پائيدار رستو آهي، پاڪستان کي برآمدات جو مرڪز بڻائڻو آهي، جڏهن ته اسان جو ڌيان آئي ٽي ۽ ميري ٽائيم شعبن تي هوندو.محمد اورنگزيب چيو ته عالمي ريٽنگ ايجنسي پاڪستان جي معاشي بهتري کي تسليم ڪيو، عالمي سطح تي ميڪرو استحڪام کي به ساراهيو ويو آهي، ڪارپوريٽ منافعو 9 سيڪڙو وڌيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته قومي آمدني وڌائڻ لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌايو ويو آهي، 900,000 فائلرز شامل ڪيا ويا آهن، ڊجيٽلائيزيشن معيشت ۾ شفافيت آڻيندي، مصر ايف بي آر سڌارن مان سکڻ جي درخواست ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پائيدار معاشي ترقي لاءِ ڍانچي سڌارا ضروري آهن، عالمي سفارتي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ماحولياتي نظام فراهم ڪندا رهنداسين، گوگل پاڪستان کي برآمدي مرڪز بڻائڻ جو منصوبو ٺاهڻ چاهي ٿو، اي آءِ تي ٻڌل ترقي لاءِ هڪ ماحولياتي نظام ٺاهڻو پوندو ۽ بليو معيشت کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.محمد اورنگزيب چيو ته 24 سرڪاري ادارن کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي آءِ اي جي نجڪاري هن سال کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو