گوگل پاران ڪروم برائوزر کي ٻيهر ڊزائين ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گوگل ڪروم جي 15 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪمپني ويب برائوزر جي نئين ڊيزائن ۽ ڪجهه فيچرز متعارف ڪرائي رهي آهي.گوگل هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته ڪروم کي ڊيسڪ ٽاپ لاءِ ٻيهر ڊزائين ڪيو پيو وڃي.گوگل ڪروم ۾ نيون تھیم ۽ رنگ جا آپشنز برائوزر ري ڊيزائين جو حصو هوندا جڏهن ته ويب برائوزر جي آئڪن کي به اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪروم جي نئين ڊيزائن مٽيريل يو ڊيزائن جي ٻولي تي ٻڌل هوندي.گوگل ڪروم مينيو کي به تبديل ڪري رهيو آهي ته جيئن صارفين لاءِ مختلف فيچرز ۽ آپشنز تائين رسائي آسان بڻائي سگهجي ڪمپني پڻ ڪروم ويب اسٽور کي ٻيهر ڊزائين ڪري رهي آهي، جڏهن ته سائڊبار فيچر موجود هوندو گوگل موجب، ڪروم تي محفوظ برائوزنگ کي به اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن صارفين کي مالويئر ۽ ٻين آن لائين خطرن کان بچائي سگهجي.ياد رهي ته گوگل ڪروم سيپٽمبر 2008 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو