گوگل تي منهنجي عمر غلط لکيل آهي، وينا ملڪ جي دعويٰ

گوگل تي منهنجي عمر غلط لکيل آهي، وينا ملڪ جي دعويٰ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل وينا ملڪ سرچ انجن گوگل تي درج پنهنجي عمر کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اداڪاره ميرا کان پوءِ وينا ملڪ ٻي پاڪستاني مشهور شخصيت آهي جنهن دعويٰ ڪئي آهي ته سندس عمر وڪيپيڊيا تي غلط درج ڪئي وئي هئي.وينا پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي هڪ پريس ٽاڪ ۾ ان بابت کليل ڳالهه ڪئي.وينا ملڪ چيو ته گوگل تي منهنجي عمر غلط لکيل آهي، ۽ وڪيپيڊيا تي مختلف تاريخون ۽ سال درج ٿيل آهن. حقيقت اها آهي ته مان 20 فيبروري تي صبح جو 5 وڳي پيدا ٿيس.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي مون کان منهنجي عمر نه پڇو، مان نه ٻڌائيندس.جنهن تي هڪ صحافي چيو ته گوگل موجب توهان جي عمر 48 سال آهي. وينا ملڪ مزاحيه انداز ۾ جواب ڏنو ته جيڪڏهن گوگل کي مڃيو وڃي ته مان پنهنجي ماءُ کان صرف 10 سال ننڍي آهيان. ياد رهي ته وينا ملڪ پنهنجي شاندار اداڪاري ۽ يادگيري جي ڪري فلمن ۽ ڊرامن ۾ شهرت حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو