گوڏن جي سور وارن لاءِ خوشخبري، جديد تحقيق بعد محلول تيار

گوڏن جي سور وارن لاءِ خوشخبري، جديد تحقيق بعد محلول تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جديد سائنسي تحقيق بعد هڪ اهڙو محلول (بايوايڪٽو مواد) تيار ڪيو آهي جيڪو گوڏن جي سور ۽ سرجري مان جان ڇڏائڻ جو اهم ڪارڻ بڻبو. يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل رپورٽ موجب هي مادو رٻڙي جيان چپڪڻ وارو (گريس نما) آهي جنهن کي Goo سڏيو پيو وڃي. سائنسدانن هن مواد جي آزمائش جانورن تي مڪمل ڪئي آهي جنهن ۾ بهترين نتيجا سامهون آيا آهن. 6 مهينن ۾ نه صرف سنڌن جي سور جو شڪار جانور چڱا ڀلا ٿي ويا پر سندن سور به ختم ٿي ويو ۽ سندن گوڏن جهڙن سنڌن ۾ ختم ٿيل مِخُ واپس ٺهڻ شروع ٿي وئي. هن اسٽدي جي سربراهي ڪندڙ پروفيسر سيموئل اسٽپ جو چوڻ آهي ته هي تيار ڪيل محلول هڪ ڏينهن انسانن کي گوڏن جي آپريشن، سور يا ان کي تبديل ڪرڻ واري ضورت ختم ڪري سگهي ٿو. آمريڪا ۾ هر سال 13 لک ماڻهو گوڏن جي سرجري ڪرائيندا آهن.

وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو