مجلس تان موٽندڙ نوجوان تي فائرنگ، جوابدار فرار

ڏهرڪي (قادر خان جٽ) مصطفي آباد ڪالوني واسي نوجوان سيد علي رضا شاهه رات دير سان مجلس ٻڌي ساٿين سان گڏ واپس گهر طرف اچي رهيو هيو ته سندس تاڙ ۾ لڪي بيٺلن مٿس حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب علي رضا شاهه زخمي ٿي پيو جنهنکي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ڏهرڪي داخل ڪرايو ويو جڏهن ته حملي آور فرار ٿي ويا، ڏهرڪي ٿاڻي تي ڇهن جوابدارن خلاف حملي جي ايف آءِ آر نمبر 2019.200  زخمي جي ڀاءُ قطب شاهه جي فرياد تي شاهنواز ملڪ،بلاول ملڪ،منظور ملڪ،رمضان ملڪ ۽ ٻن نا معلوم ماڻهن مٿان داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو