گولان هائيٽس کي اسرائيلي علائقو تسليم نه ٿا ڪريون: يورپي يونين

تيونس (م ڊ / ڊيسڪ رپورٽ) عرب ليگ کانپوءِ يورپي يونين به “گولان هائيٽس” تي اسرائيلي قبضي کي تسليم ڪرڻ واري امريڪي صدرجي فرمان کي رد ڪندي ان تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. تيونس ۾ منعقد ڪيل عرب ليگ سمٽ جنهن ۾ اقوام متحده، يورپي يونين۽ افريڪن يونين جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن سمٽ جو مقصد گولان هائيٽس بابت امريڪي صدر جي فرمان بعد پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. سمٽ ۾ عرب ليگ پاران امريڪي صدر جي ان قدم جي مخالفت ۽ مذمت بعد يورپي يونين به ان جي سخت مخالفت جو اعلان ڪيو آهي. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ يورپي يونين جي نمائندن جن ۾ برطانيا، جرمني، فرانس، پولينڊ ۽ بيلجيم شامل آهن، انهن جي نمائندن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسانجو ڪالهه به موقف واضح هو ۽ اڄ به ساڳيو آهي ته اقوام متحده جي ٺهرائن نمبر 242 ۽ 497 موجب گولان هائيٽس کي متنازعه علائقو سمجهون ٿا ڇو ته شام جي ان علائقي تي اسرائيل 1967 ۾ قبضو ڪيو هو. هنن وڌيڪ چيو ته مقبوضه علائقي تي اسرائيل جي سالميت ۽ خودمختاري تسليم نٿا ڪريون. امريڪي صدر جي فرمان تي سخت ڳڻتي آهي ۽ اهڙن اپائن سبب دنيا ۽ علائقائي امن لاءِ خطرو سمجهون ٿا. ڇو ته ايئن ڪرڻ نه صرف عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي بلڪه اقوام متحدهه جي چارٽر جي به خلاف ورزي آهي. مٿي ڄاڻايل پنجن ئي ملڪن جي نمائندن بيان بعد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کانسواءِ هليا ويا. ياد رهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 25 مارچ تي صدارتي فرمان جاري ڪري گولان هائيٽس تي اسرائيلي جي خودمختاري ۽ سالميت کي تسليم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو