لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.ذريعن موجب سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڪابينا تيمور تاجمل جي دستخط ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي گورنر کي وزيراعظم جي مشوري تي عهدي تان هٽايو ويو. نوٽيفڪيشن موجب پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر وقتي گورنر جا فرض سرانجام ڏيندو.پنجاب حڪومتي ذريعن موجب پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ کانپوءِ سندس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما کي گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پنجاب جي برطرف گورنر عمر سرفراز چيما آئيني ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.عمر سرفراز چيما چيو آهي ته هو مشاورت کانپوءِ آئيني ۽ قانوني حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.ٻئي طرف پنجاب حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما هاڻي گورنر ناهي رهيو ان ڪري کيس سڪيورٽي نه ڏني پئي وڃي.ان کان علاوه گورنر هائوس ٻاهران بيريڪيڊس قائم ڪيا ويا آهن ۽ پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما کي گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.










