ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري نئين سال جي آمد کي عالمي انداز ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان هن ٻڌايو آهي ته نئين سال جي آمد تي گورنر هائوس ڪراچي ۾ شاندار آتشبازي جا انتظام ڪيا ويا آهن.ڪامران ٽيسوري چيو ته نئين سال جي موقعي تي قواليءَ جي محفل جو به انتظام ڪيو ويو آهي.گورنر هائوس ۾ ثقافتي پروگرام شهرين کي اميد ۽ حوصلا ڏيارڻ جي هڪ ڪوشش آهي.ٻئي طرف ڪمشنر ڪراچي شهر ۾ 2 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي تي پابندي هوندي.ڪراچي ۾ هٿيارن جي نمائش تي به پابندي لڳائي وئي آهي.شهر ۾ 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري 2025 تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويندو.










