گورنر جو بيان عدالتي حڪمن خلاف آهي:محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي بيان “ شرعي اصولن کي بينڪاري نظام تي زبردستي لاڳو نٿو ڪري سگهجي” تي سخت افسوس جو اظهار۽ ان کي عدالتي حڪم جي خلاف ورزي قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالت زبردستي نه بلڪه پورا پنج سال جي مُدت ۾ حڪمت، منصوبابندي ۽ طريقه ڪار طي ڪري ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جئين سسٽم به هلندو رهي ۽ بينڪاري نظام مان وياج واري نظام جو خاتمو ٿي سگهي، پر حڪومتي سنجيدگي ۽ عملدرآمد جو اندازو گورنر اسٽيٽ بينڪ جي تازي بيان ۽ سواسال گذرڻ باوجود ٽاسڪ فورس ۽ روڊ ميپ نه ڏيڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. جماعت اسلامي سنڌ پاران ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان انتخابي ڪنوينشن 16 جولاءِ تي حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ لوئر سنڌ جي سڀني ضلعن مان جماعت اسلامي جا نامزد قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اُميدوار ۽ ضلعي اڳواڻ شرڪت ڪندا، انتخابي ڪنوينشن کي مرڪزي امير سراج الحق، نائب امير لياقت بلوچ خصوصي خطاب ڪندا جڏهن ته اپر سنڌ ۽ ڪراچي جا الڳ الڳ انتخابي ڪنونشن ٿيندا.اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ صوبائي نظم جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، محمد حسين محنتي جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتي نااهلي جي ڪري سنڌ جو عوام ظلم جو شڪار آهي، ان کان وڌيڪ نااهلي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته عيد ڏهاڙي کان وٺي سنڌ صوبي جي 07 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي بدترين بجلي ۽ گيس لوڊشيڊنگ جو شڪار ۽ صاف پاڻي جي نعمت کان به محروم آهي ان باوجود هر روز بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي23 ارب رپين جو ڌاڙو عوام مٿان سراسر ظلم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. صوبائي امير مطالبو ڪيو ته نه رڳو بينڪن جي نظام بلڪه سموري ملڪي معاشي نظام کي اسلامي اصولن تحت وياج کان پاڪ ڪيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري ختم ڪري عوام کي مناسب رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو