گورنر اين او سي کانسواءِ گنڊاپور جي استعيفيٰ قبول نه ڪندو: حمدالله

گورنر اين او سي کانسواءِ گنڊاپور جي استعيفيٰ قبول نه ڪندو: حمدالله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته اين او سي کانسواءِ خيبر پختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور جو استعيفيٰ قبول نٿو ڪري سگهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ تبديلي کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، حافظ حمدالله چوي ٿو ته ڇا گوجرانوالا ۾ ٽن اڳوڻن وزيراعظمن خلاف غداري جا ڪيس نه هئا؟، هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌريون حڪومت ٺاهڻ کان جيترو پري رهنديون، اوترو ئي سياسي پارٽين کي فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو