گوجرانوالا، فيصل آباد ۾ تيز برسات، پاڻي گهرن ۾ داخل

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)گوجرانوالا، فيصل آباد، قصور، چونيان سميت وچ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جاري آهي.گوجرانوالا ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران 138 ملي ميٽر برسات سبب روڊن ۽ انڊر پاسن کي تلاءُ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گاڏين جي اچ وڃ ۾ ڏکيائي پيدا ٿي وئي.قصور ۽ چونيان ۾ تيز برسات کانپوءِ پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. گوجرانوالا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو، هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. برسات جي پاڻي سبب مختلف روڊن تي اڪثر موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون بيهجي ويون. گوجرانوالا جي سيٽلائيٽ ٽائون، ماڊل ٽائون ۽ پيپلز ڪالوني وارن علائقن جي شاهراهن تي برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو. سوئي گيس روڊ، حيدري انڊر پاس، پيپلز ڪالوني انڊر پاس برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا. ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال گوجرانوالا جي سامهون به ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو، جنهن سبب ڊاڪٽرن، مريضن ۽ نرسن کي اسپتال اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر گوجرانوالا موجب واسا جون ٽيمون برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ 138 ملي ميٽر برسات گوجرانوالا جي علائقي گهنٽا ڳڙهه چوڪ ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر گوجرانوالا موجب سيٽلائيٽ ٽائون ۾ 105 ملي ميٽر، ماڊل ٽائون ۾ 82 ملي ميٽر ۽ شيرانوالا باغ ۾ 79 ملي ميٽر برسات پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو