گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل

گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل ٿي ويو،جوابدارن ڪارنهن الزام مڙهي 18 ورهين جي زاهد گڏاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار غلام مرتضيٰ گڏاڻي ساٿين سان گڏجي 18ورهين جي زاهد گڏاڻي کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو آهي مقتول جي وارثن چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه ڪوڙو الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو