اوٻاوڙو ( ن س )اوٻاوڙو ويجهو آرڊي 30 وٽان سيهڙواھ کي 40 فٽ گهارو پائيجي ويو ڪيترو ئي پوکليل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو علائقي واسين جو چوڻ هيو ته اهڙو اطلاع آپاشي کاتي جي عملدارن کي ڏنوسين پر واقعي واري هنڌ ناهن پهچي سگهيا،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ڳوٺاڻن آبپاشي عملدارن مٿان الزام لڳائيندي ٻڌايو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض هر سال واهن جا ڪپر ٽوڙي منجهان مٽي کڻائي وڪرو ڪن ٿا جنهن سبب واهن جا ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري پاڻي جي تيز واري سبب گزارش پئجي وڃن ٿا،اوٻاوڙو ڳوٺاڻن اعلي عملدارن کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته آبپاشي عملي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي فصلن جو نقصان ڀري ڏنو وڃي
