گهوٽڪي واقعوآمريڪي دورو سبوتاز ڪرڻ جي سازش هئي،خان

پشاور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ پيس آيل ناموس رسالت جو واقعو  اقوام متحده ۾ سندس تقرير سبوتاز ڪرڻ جي سازش آهي. طورخم سرحد تي 24 ڪلاڪ هفتي جا 7 ڏينهن افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اچ وڃ جي سهولت جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي عبادتگاهن کي نقصان پهچائڻ توڙي مظاهرن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو.

هن چيو ته قائد اعظم سمورين اقليتن کي خاطري ڪرائي هئي ته اُهي به هن ملڪ ۾ برابر جا شهري آهن. اسلام ۾ به اقليتن کي برابر جا شهري هجڻ جو حق آهي. هن چيو ته اپوزيشن جو سڄو زور ڪرپشن جا پيسا ڦٻائڻ لاءِ آهي جيئن کين اين آر او ملي پر ئين نه ٿيندو. هن چيو ته آمريڪا ۽ طالبان جون ڳالهيون بحال ڪرائڻ لاءِ پورو زور لڳائبو. هڪ سوال تر هن چيو ته هن وقت ڪشمير ۾ جيڪو وڙهڻ ويندو اها ڪشميرين سان دشمني هوندي. هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ختم ڪرڻ ۽ آئين جون ختم ڪيل شقن جي بحالي تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون. هن ٻڌايو ته هن جي 23 سيپٽمبر تي صدر ٽرمپ سان ملاقات آهي ۽ 27 تي هو گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي کي خطاب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو