گهوٽڪي جي ڌاڙيلن پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو وڏو اعلان

گهوٽڪي (ن س)گهوٽڪي جي ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو وڏو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، انعام يافته ڌاڙيل راحب شر ۽ ثناءُالله عرف ثنو شر جي ويڊيو منظرعام تي اچي وئي آهي راحب شر وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته جهنگ جي زندگي مان بيزار آهيون، عام ماڻهن واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا ڌاڙيل چيو ته پوليس ڪوڙا ڪيس ڪري ڌاڙيل بڻايو، ڏوهاري ناهيون، ڪچي مان قبيلائي جهيڙا ختم ٿين ته امن ٿي ويندو هن چيو ته فوج، سپريم ڪورٽ يا سياسي، سماجي اڳواڻ وچ ۾ پون ته اسان به هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ثناءُ الله شر وڊيو ۾ چيو ته حڪومت عام معافي ڏئي ته ڏوهن جي زندگي ڇڏي ڏينداسين ڌاڙيل چيو ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ ڪچي ۾ امن ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سنڌ پوليس ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ ڪچي ۾ امن ميلا ڪرايا وڃن ته امن قائم ٿي ويندو ثناءُ الله شر موجب ڪچي جي علائقن ۾ بنيادي سهولتون ڏنيو وڃن، چاهيون ٿا ته اسان جا ٻارڙا به پڙهي لکي آفيسر ٿين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو