گهوٽڪي انتظاميا هوٽلن ۽ گاڏين ۾ لڳل گيس سلينڊرن خلاف سرگرم

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ ظهير وسير) گهوٽڪي جو ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو رمضان آرڊيننس تي عمل ڪرائڻ لاءِ بنا اجازت هلندڙ هوٽلن خلاف سرگرم ٿي ويو ته ٻئي پاسي روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي مير پور جي مختلف روٽن تي هلندڙ ويگنن ۾ لڳل غير قانوني گيس سلينڊرهٽائڻ لاءِ ڪاروايون ڪيون. ڊي سي گهوٽڪي ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي، گهوٽڪي، سرحد، توڙي ڀرپاسي ۾ رمضان آرڊيننس جي ڀڃ ڪڙي  ڪندي پوليس جي ملي ڀڳت سان هلندڙ هوٽل بند ڪرائي ڇڏيا. ڊي سي گهوٽڪي 4 هوٽل سيل ڪرن جو حڪم جاري ڪيو. جڏهن ته 11 هوٽل مالڪن کي گرفتار ڪري کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف روازني جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي آر ٽي اي سيڪريٽري فياض منگي سکر، گهوٽڪي ، ميرپو ماٿيلو سميت مختلف روٽن تي هلندڙ ويگنن ۾ لڳل غيرقانوني ۽ غير محفوظ گيس سلينڊر لهرائي ڇڏيا.

هن چيو ته ويگن مالڪن کي ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا ته پنهنجي پنهنجي ويگنن مان گئس سلينڊر لاٿا وڃن ٻي صورت ۾ ويگنن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي جنهن جي ذميواري ويگن مالڪن مٿان هوندي. سندس اهڙي عمل تي شهرين ۾ سرهائي پر ويگن مالڪن ۽ ڊرائيورن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو