گهوٽڪي ناموس رسالت ڪيس،گرفتارين لاءِ ڇاپا، 5 گرفتار

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) ناموس رسالت وارو ڪيس تمام حساس ۽ هاءِ پروفائيل معاملو آهي، جاچ هلي پئي جلد بازي ۾ نتيجو ڪڍڻ مناسب ناهي. اهرو اظهار ڊي ايس پي گهوٽڪي يار محمد رند سنڌيار سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪجهه شر پسند ۽ مذموم مقصد رکڻ وارا ماڻهو سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽ ٺاهي انهن ذريعي غللط معلومات ڦهلائي حالتون خراب ڪرڻ چاهن ٿا، اسين ايف آءِ  اي جي سائبر ڪرائيم ونگ کي ڪجهه نالا ڏنا آهن ۽ جلد انهن جي اصليت ظاهر ٿيڻ بعد کين گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته هو عوام کي اپيل ٿو ڪري سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن تي ڌيان نه ڏين اسين موجود آهيون اسان کان تصديق ڪري سگهن ٿا. هن عام ماڻهن کي صلاح ڏني ته ڪوڙي ۽ ماڻهن کي مڇرائڻ واري معلومات بنا تصديق جي شيئر نه ڪريو. هڪ مسجد ۾ بي حرمتي بابت خبرون من گهڙت آهن. هن وڌيڪ چيو ته ناموس رسالت ڪيس ۾ گهڻ رخي جاچ هلي پئي ۽ جيڪو ملوث هوندو ان کي سزا ملندي. ڪيترائي ماڻهو ۽ سوشل ميڊيا جا جعلي اڪائونٽ اسانجي آبزرويشن ۾ آهن. ٻئي پاسي ايس ايڇ او گهوٽڪي شمشاد پٺاڻ رابطو ڪرڻ تي  سنڌ يار کي ٻڌايو ته  اسان کي تمام گهڻا چئلينجز در پيش آهن پر انهن جي باوجود اڻ ڌري جاچ هلي ٿي ۽ گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو به جاري آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ رفيق علي پٽ انور علي چاچڙ، شبير پٽ منير  لاکو،  شهرام پٽ فرمان راجپوت ، وسيم پٽ صادق راجپوت ۽  وقار پٽ صداقت راجپوت شامل آهن. ان سلسلي ۾ مينارٽي ونگ ڊويزن جي صدر ڪامريڊ ڪڪُو رام جو چوڻ آهي ته اسين انتظاميه جي ڪاوشن، جميعت جي ڪارڪنن، سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين جا نهايت ئي شڪر گذار آهيون جن اسان کي آٿت ۽ سام جيان تحفظ ڏنو، هن سنڌيار سان ڳالهائيندي  چيو ته ان واقعي ۾ جيڪڏهن نوتن ملوث آهي ته کيس سخت سزا ڏني وڃي، آخر ۾ هن ڳالهائيندي اهو خدشو ڏيکاريو آهي ته ڪجھه شر پسند عناصر نه ٿا چاهين ته گهوٽڪي ۾ امن ٿئي ان ڪري آءُ مينارٽي ونگ جي اڳواڻ جي حيثيت سان سنڌ حڪومت کان گهر ٿو ڪريان ته گهوٽڪي ضلعي ۾ شر پسند ماڻهن جي قدمن تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. ياد رهي ته گهوٽڪيءَ ۾ مذهب جي توهين واري مبينا الزام لڳڻ کانپوءِ هندو برادريءَ جي عبادتگاهن ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، هنگامو ڪرڻ ۽ خوف توڙي هراس ڦهلائڻ وارن خلاف 03 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) سکر جميل احمد مطابق ٽئي ڪيس گهوٽڪي شهر جي صدر ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيا ويا. انهن ڪيسن ۾ مڇريل مظاهرين خلاف قلم 295، 147، ۽ 149 شامل ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ”ڊان نيوز“ پاران اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل جي حوالي سان اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ”ايف آءِ آرز ۾ ڪل 45 ڄڻن کي ملزم ڄاڻايو ويو آهي، 22 ڄڻن جا نالا شامل آهن جڏهن ته 23 ڄڻن کي نامعلوم طور ظاهر ڪيو ويو آهي“. واضح رهي ته اسڪول جي شاگرد پاران هندو پرنسپال مٿان مبينا طور تي مذهب جي توهين جو الزام لڳايو ويو. جنهن بعد پرنسپال تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ شهر ۾ پرتشدد احتجاج ۽ ٽوڙڦوڙ جا واقعا ٿيا.  

پهنجو تبصرو موڪليو