گهر اسڪيم جو افتتاح،گهٽ آمدني وارن کي فائدو ٿيندو:ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ بابت صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اسڪيم 45 ٽيسر ٽائون تحت 250 ايڪڙن تي مشتمل 4000 تيار ٿيل گهر ڏنا ويندا. اهڙي ريت گهٽ آمدني وارا ماڻهو به پنهنجو گهر ٺاهڻ وارو خواب پورو ڪري سگهندا. هي اسڪيم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ ۽ کين چانئٺ تائين سهولتون پهچائڻ واري ويزن جي هڪ ڪڙي آهي. ۽ ان ويزن تحت ڪي ڊي اي پاران گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سستا گهر اسڪيم جو افتتاح تازو ئي شروع ڪيو ويو. مڪاني ادارن واري وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ سندس سموري ٽيم چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن کي پورو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي آهي ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سستا گهر ٺاهڻ جون اسڪيمون به سندن منصوبو آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي سيد ناصر حسين شاهه اهو پڻ اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردي جي شڪار شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ سول سوسائٽي جي شهيدن جي وارثن کي ساڍا ٽي هزار پلاٽ فراهم ڪندي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي محمد ياسين شر ۽ سيڪريٽري ايم ڊي اي محمد عرفان ۽ سندن ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اميد آهي ته هي اسڪيم جيڪا گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو خواب آهي، وقت تي ۽ معيار سان مڪمل ڪئي ويندي جنھن ۾ شفافيت جو به خيال رکيو ويندو ۽ گهر ٺاهڻ وارن جون اميدون پوريون ٿينديون. تقريب کي خطاب ڪندي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد ياسين شر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن ايم ڊي اي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ اسان غريب عوام جو سندن گهر ٺاهڻ وارو خواب پورو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اسان عوامي خدمت جو دائرو وڌائڻ وارا آهيون. آئون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو ٿورائتو آهيان جن اسان کي عوامي خدمت جو ويزن ڏنو، اسان جي رهنمائي ڪئي ۽ هر مرحلي تي اسان جي ھمٿ افزائي ڪئي. ۽ اهو انهن معزز شخصيتن پاران ڪراچي جي عوام لاءِ ڪنهن تحفي کان گهٽ ناهي. ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري محمد عرفان ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اڄ منهنجي ۽ منهنجي ٽيم لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ته ايم ڊي اي اڄ پهريون ڀيرو سستا ۽ تعمير ٿيل گهرن جي عوام دوست هائوسنگ منصوبي جي شروعات ڪري رهي آهي. ان منصوبي تحت گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ 80، 100، 120 ۽ 200 گز جا ون يونٽ بنگلا ٺاهيا ويندا. هن چيو ته مڪاني ادارن واري وزير جي هدايت تي منصوبي جي افتتاحي تقريب کان اڳ ئي سائيٽ تي تعميراتي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته پاڻي، بجلي، گيس ۽ ويڪرن روڊن سميت اسٽريٽ لائيٽن جي لڳائڻ جو ڪم پڻ جاري آهي. پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي جاري ڪيو پيو وڃي، پراجيڪٽ ۾ شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ڪيمرائون پڻ لڳايون ويون آهن. ان کان سواءِ هتان جي رهواسين جي سهولت لاءِ پيٽرول پمپ، هاءِ لنڪ گيٽ ۽ جديد پارڪنگ جون سهولتون پڻ هن منصوبي جو خاص حصو آهن ۽ اهي سڀ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي خاص هدايتن سبب ٿي رهيون آهن. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار فراز لاکاڻي، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، پ پ اڳواڻ نجمي عالم، مختلف ٽائون چيئرمينن ۽ شهر جي معززن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه گهٽ لاڳت گهر اسڪيم جي باضابطه افتتاح جو اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو