گهريلو ڪم ڪار ڪندڙ روبوٽڪ ڊاگ”آئبو“ تيار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سمارٽ اليڪٽرانڪس آلات ٺاهيندڙ جاپاني ڪمپني سوني هڪ ڪتي نما روبوٽ ”آئبو“ تيار ڪيو آهي جيڪو گهر جو ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو. روبوٽڪ ڊاگ مائيڪرو ويو اوون، واشنگ مشين، ويڪيوم ڪلينر، آن آف ڪرڻ ، ٽي وي، لائيٽس فرج ۽ ٻيون شيون کولڻ يا بند ڪرڻ  جو ڪم هو ڪري سگهي ٿو. برطانيا مان شايع ٿيندڙ اخبار ڊيلي ميل مطابق هن روبوٽڪ ڊاگ جي قيمت 2900 ڊالر آهي.

سوني ڪمپني هي پوئين سال ايجاد ڪيو هو پر ان کي هاڻي وڌيڪ فيچرز سان اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. ڪمپني جو خيال آهي ته گهريلو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ وارو واءِ فاءِ تي هلڻ وارو هي روبوٽ جلد مقبول ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو