گهرواري جي نشاندهي تي مڙس جو پوريل لاش هٿ

رتوديرو(عطاءُالله بروهي) 21 ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿي ويل 35 ورهين جي نوجوان محراب پٽ محمد صالح گهانگهرو جو لاش سندن گهر ڀرسان وحيد گهانگهرو جي اوطاق مان پوريل حالت ۾ برآمد ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مقتول جي سوٽ نديم گهانگهرو صحافين کي ٻڌايو ته 21 ڏينهن اڳ منهجو سوٽ محراب گھانگھرو پراسرار طور گم ٿي ويو هو جنهن جو لاش وحيد گهانگهرو جي اوطاق ۾ پوريل حالت ۾ مليو آهي . ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي رتيديري پوليس ٻڌايو ته اسان شڪ جي بنياد تي مقتول جي گهرواري  ساليءَ ۽ سس کي گرفتار ڪري جاچ ڪري رهيا هئا سين ته جاچ دوران مقتول جي گهرواري جي نشاندهي ڪرڻ تي اسين وحيد گهانگهرو جي اوطاق ۾ کوٽائي ڪري لاش هٿ ڪيو آهي. هنن چيو ته وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو