گهران ڪاوڙجي نڪتل نينگر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ٽنڊو ميرعلي ڀرسان ڳوٺ جاڙو خان ملاح جو رھواسي 10 سالا معراج والد محمد علي شر ماءُ پاران دڙڪا ڏيڻ تي نينگر ڪاوڙجي گھران نڪري ويو. ڳولا بعد گھر ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ضروري ڪاروائي  بعد لاش  وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته لاش گھر ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ نينگر جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پوندا رهيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو