گهاري سبب گورک ويندڙ رستو بند، فصل متاثرڪاڇي واسي پريشان

ڊرگھه بالا (محمد اسماعيل لانگاھ ) ڪاڇي ۾ پيل برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، روڊ رستا به ٽٽي ۽ ٻڏي ويا آهن. واهي پانڌي روڊ کي پرڏيهي پير وٽان گهارو گورک ڏانهن ويندڙ سياحن کي مشڪلاتون درپيش اچن پيون. ڊرگھه بالا ۽ حاجي خان شهر ۾ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي.

ڪاڇي جي جابلو پٽي ۽ ميداني علائقن ۾ پيل طوفاني برسات سبب جوئر، گوار،  بصر,مرچ, ترن جي پوکيل آڳاٽن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پوکيل سوين ايڪڙ تي پوکيل فصل لڙھي ۽ لٽجي ويا آهن. آبادگار ۽ ھاري ڪروڙين روپين جي نقصان سبب پريشان آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڇاٽي فصل کي فائدو پوندو.  ڊرگهھ بالا روڊ جون ڪيتريون ئي موريون ٽُٽي پيون هنڌان هنڌان روڊ کي گهارا پئجي ويا آھن ٻئي طرف نئين گاج جي پاڻي سبب واهي پانڌي روڊ کي پرڏيهي پير وٽان گهارو پئجي ويو جنهن کي مسافرن جي آمدرفت بحال ڪرڻ لاء عارضي طور ٽيئر ۽ گارڊر رکي رستو بحال ڪيو ويو آهي.

ٽرانسپورٽ جو رابطو ڪٽجي وڃڻ سبب گورک هل ڏانهن ويندڙ سياحن جي اچ وڃ پڻ بند ٿي وئي آهي. ڊرگهھ بالا ۽ حاجي خان شهر گندگي جي ور چڙھي وياگهٽين ۾ برسات ۽ نيڪال جو گندو پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب رهواسين ۽ اسڪولن ڏانهن ويندڙ معصوم ٻارن کي تڪليفون پيش اچڻ لڳيون آهن صفائي لاء ميونسپل انتظاميه بلدياتي عملدارن ڪو به تحرڪ نه ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو