گنڊاپور ڪي پي جو وڏو وزير نامزد، وزيراعظم لاءِ غور ڪريان پيو، خان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز چونڊ هارائي چڪا آهن، اسين سپريم ڪورٽ وينداسين. اڊيالا جيل ۾ صهافين سان غير رسمي ڳالهين دوران هن چيو ته نواز ليگ، پيپلز پارٽي يا ايم ڪيو ايم سان هڪومت سازي لاءِ ڳالهيون نه ڪنداسين. هن چيو ته خيبر پختونخواه ۾ علي امين گنڊاپور کي نامزد ڪيو آهي، وزيراعظم جي نامزدگي تي اڃا غور ڪريان پيو فيصلو ناهي ڪيو. هن چيو ته مون سان جيل ۾ ڪنهن به اهم شخصيت جي ملاقات ناهي ٿي. ياد رهي ته يوٽيوبر اسد طور ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني هئي ته چيف آف جنرل اسٽاف اويس دستگير عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي ۽ عمران خان حومتي آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي. هڪ سوال تي عمران خان چيو ته مونکي بني گالا شفٽ نه پيو ڪيو وڃي پر بشرا بي بي کي اڊياله منتقل ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو