گندي پاڻي جو ڳوڌو شاخ ۾ ڇوڙ بند ڪريو،متاثر ڳوٺاڻا

لاکاروڊ(اظھر جلباڻي) محراب پور شھر جو گندو پاڻي ڳوڌو شاخ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي رھواسين جو احتجاج ،شاخ م گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کي بنا دير بند ڪرڻ جو مطالبو. محرابپور شهرجنهن کي تعلقي جو درجو حاصل آهي، تنهن جي آدمشماري ٻه لک آهي، شهر جو گندو پاڻي ڳوڌو شاخ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ سان ماڻهن ۾ بيماريون ڦهلجن ٿيون. ڇو ته پڇڙي ۾ مختلف ڳوٺن جا ماڻهو ۽ جانور ان شاخ جو پاڻي پيئندا آهن. انهن ڳوٺن ۾ طاهر نانگور، شاھبيگ لاشاري،  يوسف نانگور ۽ ميهر حاجي اچن ٿا. انهن ڳوٺن جي رهواسين فدا حسين نانگور عبدالروف نانگور سليم نانگور چيو ته اسان سان تمام گهڻو ظلم آهي سڀني ڳوٺن جي جر جو پاڻي کارو آهي  مجبوري ۾ ڳوڌو  شاخ جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهيون  گندي پاڻي جي ڪري ا نسان ۽ جانور مختلف بيمارين  ۾ ورتل آهن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته شاخ ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو