گمبٽ لڳ ڪوچ جي ٽڪر ۾ 4 پورهيت فوت

گمبٽ (ن س)  نيشنل هاءِ وي تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جي ٽڪر لڳڻ سبب چار رنگ ڪندڙ پورهيت فوت ٿي ويا.  گمبٽ ۾ بائيڪو پمپ وٽ حادثو پيش آيو. جنهن سبب 3 پورهيت ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي هو جيڪو اسپتال پهچڻ بعد فوت ٿي ويو. فوتين ۾ پرڀو مل، چندو، راجا ۽ سريش ميگهواڙ شامل آهن. چئني پورهيتن جا لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا. لاش گھرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو. گمبٽ پوليس ڪاروائي ڪندي ڊرائيورعمران ولد بهادراعواڻ کي گرفتار ڪري ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو