گرينڊ ھيلٿ الائنس پاران پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ جدوجهد وچن

نوشهروفيروز (ڊر) گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي اڳواڻن خادم حسين مستوئي ۽ اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو جي ضلعي سجاول جي اڳواڻن رجب علي ميمڻ منظور احمد خواجه خمن خاصخيلي ۽ ٻين سان ملاقات ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ ھلندڙ جدوجهد بابت آگاهي ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي اسٽاف جي حقن لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪنداسين اسان وچن ڪيو آهي ته جيستائين پنهنجا جائز حق نه ٿا ڏنا وڃن تيستائين هڪ وک به پوئتي نه هٽنداسين ان سلسلي ۾ 25 مئي کان تحريڪ جو آغاز ڪري رھيا آھيون ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جو مشترڪه احتجاجي مظاهرو ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ ھزارين ملازم شريڪ ٿيندا ان موقعي تي ضلعي اڳواڻن يقين ڏياريو ته صوبائي قيادت جي ھر حڪم تي لبيڪ ڪندي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو