گرل فرينڊ کي پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ همراهه فوت

دنيا ۾نوجوان هڪٻئي کي شادي جي آڇ جي لاءِ نوان ۽ دلچسپ انداز  اختيار ڪندا آهن ته جيئن هو ڪجهه نئون ڪن ۽ کين شهرت ملي. اهڙو ئي ڪجهه ٿيو آهي اوڀر آفريڪا جي ملڪ تنزانيا ۾ جتي موڪلون گذارڻ لاءِ آمريڪي شهري پنهنجي گرل فرينڊ کي پاڻي جي هيٺان وڃي شادي جي آفر ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويو . اسٽيون ويبر نالي آمريڪي شهري ۽ سندس گرل فرينڊ ڪينيشا انٽوني تنزانيا جي پمبا جزيري کان پري مانٽا ريزورٽ جي هڪ پاڻي جي هيٺان ڪيبن ۾ ترسيل هيا. ويبر ۽ انجي گرل فرينڊ انٽوني ان ريزورٽ جي پاڻِي هيٺان وارو ڪمرو چئن راتين جي لاءِ ڪرائي تي بڪ ڪرايو هو جيڪو سمنڊ جي ڪناري کان 250 ميٽر پري هيو. آمريڪي رياست لوزيانا جي علائقي بيٽنروگ سان تعلق رکڻ واري ويبر پنهنجي رهائش جي ٽئين ڏينهن گرل فرينڊ کي شادي جي آڇ  لاءِ پاڻِي ۾ ٽٻِي هنئي هئي. ويبر ترڻ وارو چشمو ۽ فلپرس پائي هٿ سان لکيل شادي جي آڇ جي خط کي سمنڊ جي هيٺ واري ڪيبن جي دري سان گڏ لڳايو هيو ۽ انجي گرل فرينڊ ڪيبن جي اندران انجي وڊيو جي رڪارڊنگ ڪري رهي هئي. هن خط ۾ لکيل هو، توهانکي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته مان توهان سان متعلق ڪهڙين ڪهڙين شين سان پيار ڪندو آهيان آءُ پنهنجو ساهه زياده دير تائين روڪي نه ٿو سگهان پر مان تنهنجي هر شيءِ سان پيار ڪندو آهيان مان هر گذرندڙ ڏينهن ۾ توسان وڌيڪ محبت ڪندو آهيان.

ان جي وڊيو ۾ بعد ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ويبر پنهنجي شرٽ مان مڱڻي جي منڊي ڪڍڻ کانپوءِ کيس شادي جي آڇ جي لاءِ هن خط کي ڦيريو هيو ۽ هو ترندو ترندو منظر کان ٻاهر نڪري ويو. ويبر جي گرل فرينڊ انٽوني فيس بوڪ تي ان جي موت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته  هو ڪڏهن ان گهرائيءَ کان ٻاهر نه آيو، مانٽا ريزورٽ جي عملدارن بي بي سي کي ٻڌايو ته خميس جي ٻنپهرن جو ويبر بدقسمتي سان پاڻي جي هيٺان واري ڪمري جي ٻاهران اڪيلو غوطا کائيندو ٻڏي ويو هو. مانٽا ريزورٽ جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نهايت ئي افسوس سان چيو وڃي ٿو ته هوٽل ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو هو.

ان ريزورٽ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ميٿيوز  جو چوڻ هيو ته ويبر جي موت سڀني کي لوڏي ڇڏيو، ريسورٽ جي مالڪ بي بي سي کي ٻڌايو ته عملي اطلاءُ ملڻ تي پاڻي ۾ وڃي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن هو اتي پهتا ته ان وقت دير ٿي چڪي هئي. ويبر ريزورٽ جي جنهن ڪمري ۾ هو رهي رهيو هو ته انجو هڪ رات جو ڪرايو 1700 ڊالر هو. آمريڪي محڪمه خارجه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان متاثره خاندان سان انهن جي جاني نقصان تي دلي تعزيت ڪيون ٿا ۽ لاش گهر تائين پهچائڻ ۾ سهڪار ڪنداسين. (بشڪريه بي بي سي)

پهنجو تبصرو موڪليو