گذريل ڏينهن حملي ۾ مارجي ويل ڏهن ڄڻن جي تدفين

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ھڪ ڏينھن اڳ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي ھٿياربندن جي ڪيل حملي ۾ مارجي ويل ڏهن ڄڻن جي تدفين سندن اباڻي شھر ڳوٺ زمان چاچڙ ۾ سوين آلين اکين سان ٿي رھي آھي۔ ڪالھ واري واقعي بعد پوري علائقي ۾ سوڳ غم ۽ غصي جي لھر پکڙيل آھي۔ چاچڙ برادري جا سوين ھٿياربند ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو آھي ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ھزارين ماڻھو سندن مائٽ ۽ دوست پھچڻ جو سلسلو جاري آھي۔ ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته جاگيراڻي برادري جي ڪيترن ئي ھٿياربندن سبزوئين جي مدد لا۽ جديد ھٿيارن سان ڪئمپ ھڻي ويٺا آھن، علائقي ۾ سخت خوف ۽ ھراس ۽ ڪشيدگي واري صورتحال پئدا ٿيل آھي ۽ ڌريون مورچه بند ھجڻ سبب حالتون ڇڪتاڻ واريون آھن۔ واضع رھي ته ڪالھ شام سبزوئين ۽ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ڪارڙا چاچڙ پاڙي جي ھڪ ئي خاندان جي ڏهن ماڻھن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿيو آھي ڪچي جي ڳوٺ زمان چاچڙ ۾ چوپايو مال جي چوري تان ھٿياربندن ھٿان مارجي ويل چاچڙ برادري جي 10 مقتولن جي تدفين کان پوءِ سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته علائقي جي پ پ پ ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي،اڳوڻو ضلعي چيئرمين سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي،جي يو آئي اڳواڻ راشد محمود سومرو، سردار تيغو خان تيغاڻي،ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي، ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ،  سردار خان محمد محمد آڻي، مولانا جمال الدين اوڳاهي سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وارثن سان تڏي تي پھچي عذر خواھي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو