ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سال 2022ع جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب 2022ع ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊنگ پاڪستان کي ڏني وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشيا ۾ 31.8 بلين ڊالر ماليت جي پراجيڪٽ فنانسنگ ڏني آهي. رپورٽ موجب پاڪستان جي معيشت کي ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان پهتو، ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ فصلن جي وڏي تباهي ٿي، فصلن جي تباهي سبب پاڪستان ۾ طلب ۽ رسد جو توازن بگڙي ويو، جنهن سبب مقامي طور مهانگائي وڌي وئي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي پنهنجي ڀائيوارن سان گڏ 5.5 ارب ڊالرن جا منصوبا ڏنا آهن، سال 2022ع ۾ پاڪستان کي 2.6 ارب ڊالرن جا رعايتي قرض ڏنا ويا آهن. رپورٽ موجب روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ عالمي مهانگائي جو سبب آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي نقصانن کان بچڻ لاءِ ماهرن جي ضرورت آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 1730 ماڻهو مري ويا، ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ معيشت کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالرن جو واعدو ڪيو ويو. ان مان 1.5 بلين ڊالر پاڪستان کي ڏنا ويا.










