گذريل رات اهم شخصيتن سان ملڻ لاءِ چيو پر انڪار ڪيو: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته کيس رات جي وقت اهم شخصيت سان ملڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي هن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ رشيد چيو ته پوليس وارا منهنجا ڀائر آهن، مان 16 ڀيرا وزير رهي چڪو آهيان، اهي هن عمر ۾ منهنجي سياسي همدردي کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا پر مان نه بدليندس،هن چيو ته مون ٻنهي موبائيل فونن جا پاس ورڊ پوليس کي ڏئي ڇڏيا آهن، پوليس منهنجا پئسا، موبائيل ۽ واچون کڻي ويا آهن، مري پوليس مون کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪندي آهي، سمورو ڪم آبپاره پوليس ڪيو آهي. مري لسبيلا ۽ ڪراچي پوليس بيگناهه آهي.اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته رات هڪ اهم شخص سان ملڻ لاءِ چيو هو پر مون انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو