گاڏهي برادري ۾ سڱاوتي تان جهيڙو هڪ فوت 10 زخمي

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) تنگواڻي پوليس حد ڳوٺ عبد الستار ۾ گا ڏھي برادري جي ٻن ڌرين وچ سڱابندي معاملي تان  جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ ڌرين وچ ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. جهيڙي ۾ ٻن عورتن سميت ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺاڻن پاران پوليس کي اطلاع ڪرڻ تي پوليس پھچي ٻنھي ڌرين جي ويھن کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ بعد زخمين صدرالدين گا ڏھي.رحمت الله.مصري.ابو بڪر.صوبو.نظر محمد.اڪبر علي.عبدالرحمن ۽ ٻن عورتن  کي طبي امداد لا۽  تنگواڻي اسپتال پھچايو زخمين مان چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ جھيڙي دوران ڪھاڙيون لڳل نوجوان مصري گاڏھي جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو