گئس وٺڻ لاءِ سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي ڌرڻو،احتجاج

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) علي آباد ۾  گئس فيلڊ مان  تعلقي کي گئس ۽ سهولتون نه ملڻ خلاف قدرتي وسيلن لاء جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي ايس يو پي، جسقم، جست، ن ليگ شھيد ڀٽو ، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي هزارين ڪارڪنن علي آباد کان  انڊس هاءِ وي تي 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪمپني مين گيٽ آڏو شاميانا هڻي شديد گرمي  ۾ 5 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.  ان موقعي تي خطاب ڪندي روشن علي ٻرڙو چيو ته مانجهند تعلقو گئس ڪوئلو تيل قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار  آھي. مقامي ماڻهو گئس نه هئڻ سبب ڇيڻا ٻارڻ تي مجبور ٿي اکين جو نور وڃائي، ٽي بي جي بيمارين جي ور چڙهي ويا آھن. هن چيو ته  هن ملڪ ۾ حق پنڻ سان نه پر ڇني وٺڻ سان ملندا آهن.

تعلقي مانجهند کي سوئي گئس ڪميونٽي فنڊ زمينن جا معاوضا ۽ سهولتون نه مليون ته 10 آڪٽوبر تي ڪمپني گيٽ آڏو 36 ڪلاڪن تائين ڌرڻو  هنيو ويندو. ڪميٽي ڪنوينر خدا بخش ٿيٻو چيو ته ملڪ جي آئين ۾ مقامي ماڻھن کي حق ڏئڻ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آھي علائقي ۾ بي روزگاري بک بدحالي ۽ تعليم صحت روڊ رستن جي ڪابه سهولت ميسر ناهي گئس جو حق گهرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر هاڻي پوئتي نه هٽبو. اڪبر بگٽي بڻجي هر طريقي سان جنگ جاري رهندي سردار ڀوتار ڪميشنون وٺي ڪمپني سان هر غلط عمل جو سودو ڪيو آھي. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام چيو ته سنڌ ۾ پنجاپين پٺاڻن ۽ ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌين جا حق غضب ڪيا پيا وڃن جسقم عوامي مسئلي ۾ هر وقت جدوجهد ۾ گڏ آھي.  سليمان ڀلائي چيو ته هاڻي ويٽنامي بڻجي حق وٺنداسين . هوڏانهن ڌرڻي سبب گئس ڪمپني جو ڪم بند ٿي ويو جڏهن ته تعلقي مانجنهد مان وڏي تعداد ۾ پوليس نفري گهرائي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو