گئس جي سهولت نه ملڻ خلاف ايس يو پي جو ڌرڻو

مانجهند مهراڻ عمراڻي) علي آباد ۾ ايس يو پي ڪارڪنن جو يونائيٽڊ انرجي پاڪستان  پاران تعلقي مانجهند کي گئس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف  ڪمپني جي گيٽ  آڏو 5 ڪلاڪن تائين  ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب هلندڙ ڪم بند ٿي ويو جنهن تي رينجرس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري مسئلو اختيارين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ان موقعي تي محمد ملوڪ ٿيٻو، حق نواز مڱڻھار، غلام لاشاري، رزاق کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڙپور ۽ علي آباد مان وڏي مقدار مان  قدرتي گئس دريافت ڪرڻ باوجود ڪمپني انتظاميا ڊي سي ڄامشورو وٽ  لکت ۾ ڪيل معاهدي تان ڦري علائقي کي گئس ڏئڻ جي سروي شروع ناهي ڪئي ڪميونٽي فنڊ علائقي تي خرچ نه پيا ٿين مقامي ماڻھن کي روزگار ڏئڻ بجاءِ ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته زمينن جا معاوضا بن ملي سگهيا آھن. هنن چتاءُ ڏنو ته قدرتي وسيلن جي مالڪي نه ڏني وئي ته 22 نومبر تي مانجهند تعلقي جو عوام هزارن جي تعداد ۾  ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري ڪم بند ڪرائيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو