ڪڻڪ فصل لهي ويو،خريداري مرڪز قائم نه ٿيا، واپارين جي لٽ مار

ڪراچي/ عادلپور(اسٽاف رپورٽر/ اسلم آزاد) ڪڻڪ جو فصل لهي ويو پر سنڌ حڪومت اڃا تائين خريداري مرڪز قائم ناهن ڪيا، واپاري غريب هارين کان اگهه ماري 1100 کان 1120 روپين ۾ في مڻ ڪڻڪ خريدڻ لڳا. حڪومت پاران 1300 روپيا امدادي اگهه مقرر هئڻ باوجود واپاري ۽ فلورملز وارا مسڪين هارين کي لٽي رهيا آهن. سنڌ حڪومت چوي ٿي ته وفاقي حڪومت کين پئسا نٿي ڏئي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي اختلافن سبب عوام پريشان آهي. هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد مٺل مهر ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير سبب حڪومت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هر سال هارين کي ڦرڻ جو نئون ڍونگ رچايو ٿو وڃي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ڀاڻ تي ڏنل سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب هڪ پاسي هن سال ڪڻڪ جي پيداواري لاڳت 5000 في ايڪڙ وڌي وئي ۽ ٻئي پاسي اگهه ماري ڪڻڪ خريدڻ سبب هاري کي 8000 روپيا ايڪڙ تي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين سبب هاري قرضي ٿي ويا آهن. ڪامريڊ چيو ته في مڻ تي هڪ ڪلو واپاري ڪٽوتي ڪري ٿو جيڪو غيرقانوني آهي. سڄي سنڏ جيان عادلپور۽ جان محمدسوسائٽي جي فوڊ گدام کي تالا بندي برقرار علائقي جي لکين ايڪڙن تي تيارڪڻڪ جو فصل مارڪيٽ ۾ پھچي ويو پر تنھن باوجود خوراڪ کاتي پاران  سرڪاري خريداري مرڪز نه کلي سگھيا  آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ علائقي اتحاد جي چيئرمين ڪامريڊ برڪت مھر، آبادگار غلام مصطفي،عبدالروف مھر ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جا  سرڪاري خريداري مرڪز نه کولي آبادگارن ۽ ھارين سان ناحق پئي ڪري ھن وقت تائين فوڊ سينٽر نه کلڻ ڪري آبادگار قرضن سبب مجبور ٿي ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪن ٿا جيڪي واپاري پڻ آبادگار ھارين جي مجبوري جو فائدو وٺندي ڪڻڪ سستي اگھ ۾ خريد پيا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو