ڪڻڪ جون سوين ٻوريون غائب، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪڻڪ جون سوين ٻوريون غائب، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

کڏڙو (ن سنڌيار) خوراڪ کاتي  پاران خريد ڪيل ڪڻڪ جي اسٽاڪ مان سوين ٻوريون مبينا طور گم ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. فوڊ کاتي پاران جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي سربراھي ۾ ڪڻڪ ڪراچي منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع آهي. ڪڻڪ خريد ڪندڙ فوڊ انسپيڪٽر غائب، چار مھينن کان مون کي ھٽائي ڪڻڪ غائب ڪرائي وئي آھي ۔( فوڊ انسپيڪٽر ) ڊائريڪٽر  جي حڪم تي ڪڻڪ کڻائي رھيا آھيون ۔ خوراڪ کاتي پاران گذريل سال کڏڙو ڪڻڪ خريداري سينٽر تي ڪڻڪ خريد ڪري ھڪ ڪاٽن فيڪٽري ۾ رکي وئي. 55 ھزار  ڪڻڪ جي ٻورين مان مبينا طور سوين  ٻوريون غائب ھئڻ جي شڪ ۾ ڊائريڪٽر خوراڪ  شھيد بينظير آباد ڊويزن پاران ھڪ ڪاميٽي جوڙيندي  عشراق حسين چيئرمين ۽ ڊي ايف سي مٽياري عرفان احمد جوکيو ، ڊپٽي ڊي ايف سي سانگھڙ خادم حسين عمراڻي ، علي گل خاصخيلي کي ميمبر مقرر ڪندي ڪڻڪ ڪراچي منتقل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو  ڊائريڪٽر خوراڪ جي حڪم تي جوڙيل فوڊ کاتي جي چار رڪني ڪاميٽي چيئرمين عشراق احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ کڏڙو سينٽر تي پھچي ڪڻڪ خريد ڪري اسٽاڪ ڪندڙ فوڊانسپيڪٽر محمد بخش ملاح جي غير موجودگي ۾  اڄ رات کان ڪڻڪ  ٽرالن ۾ لوڊ ڪرائي ڪراچي موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي ۔ ھوڏانھن فون رابطي تي فوڊ انسپيڪٽر محمد بخش ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کي 4 چار مھينن کان سينٽر تان ھٽايو ويو آھي جتان ڪڻڪ پڻ غائب ڪرائي وئي آھي۔

پهنجو تبصرو موڪليو