ڪچي  ۾ ڪارروايون تيز، 41 ڌاڙيل مارجي ويا، 322 پاران هٿيار ڦٽا

ڪچي ۾ ڪارروايون تيز، 41 ڌاڙيل مارجي ويا، 322 پاران هٿيار ڦٽا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو هيمناني چيو آهي ته سنڌ حڪومت “آپريشن نجاتِ مهراڻ” تحت ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ٽولن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي دريائي پٽن ۾ سرگرم منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن کي وڏو نقصان پهتو آهي۔ هن چيو ته هي آپريشن اغوا براءِ تاوان، ڀتو خوري، هٿياربند ٽولن ۽ ٻين سنگين ڏوهن خلاف سنڌ حڪومت جي زيرو ٽالرنس پاليسي جو واضح اظهار آهي، جڏهن ته ان جو مقصد ڪچي جي حساس علائقن ۾ رياست جي رٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ پڻ آهي۔ترجمان سنڌ حڪومت موجب پهرين جنوري 2026 کان مئي 2026 تائين سنڌ پوليس سکر، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي ڪچي وارن علائقن ۾ مجموعي طور 133 پوليس مقابلا ڪيا۔ انهن ڪاررواين دوران 41 ڌاڙيل مارجي ويا، 255 ڏوهاري زخمي يا گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته 322 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا۔ ان عرصي دوران 20 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو ۽ 157 هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا۔سکديو هيمناني چيو ته اهي انگ اکر ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته سنڌ حڪومت ڪچي وارن علائقن مان منظم ڏوهن جي خاتمي لاءِ مستقل ۽ ڀرپور حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته سال 2025 دوران سنڌ پوليس ڪچي وارن علائقن ۾ 760 پوليس مقابلا ڪيا، جن ۾ 120 ڌاڙيل مارجي ويا، 527 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، 99 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته 1,912 هٿيار هٿ ڪيا ويا۔ترجمان سنڌ حڪومت سکديو هيمناني چيو ته سيڪيورٽي آپريشنز سان گڏ متاثر علائقن ۾ بحالي، ترقياتي منصوبن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي۔سکديو هيمناني چيو، “سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ ٽارگيٽڊ سيڪيورٽي آپريشنز سان گڏ بحالي، انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي لاءِ به قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مقامي آبادي کي محفوظ ماحول ۽ معمول جي زندگي بحال ڪري ڏئي سگهجي۔هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ امن امان جي قيام، بحالي ۽ ترقياتي عمل لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو