ڪپل ديو جون ڀارتي ڪپتان جي فٽنيس تي سخت ڳالهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪپل ديو موجوده ٽيسٽ ڪپتان روهت شرما جي فٽنيس تي سخت تنقيد ڪئي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فٽ هجڻ تمام ضروري آهي ۽ ڪپتان لاءِ اهو وڌيڪ ضروري آهي، جيڪڏهن توهان فٽ نه آهيو ته اها شرم جي ڳالهه آهي.ڪپل ديو جو چوڻ هو ته روهت شرما کي پنهنجي فٽنس تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هو سٺو بيٽسمين آهي پر جڏهن توهان سندس فٽنس جي ڳالهه ڪريو ٿا ته هو ٿورو گهڻو وزني نظر اچي ٿو، اڳوڻي ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڪنهن کي ٽي وي تي ۽ پوءِ حقيقي زندگي ۾ ڏسڻ الڳ ڳالهه آهي.هن چيو ته روهت هڪ سٺو رانديگر ۽ سٺو ڪپتان آهي پر کيس فٽ ٿيڻ جي ضرورت آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ان حوالي سان ڳالهائيندي ڪپل ديو فوري طور تي ويرات ڪوهلي جو مثال ڏنو ۽ چيو ته توهان جڏهن به ڪوهلي کي ڏسندا آهيو ته سندس فٽنيس جي تعريف ڪندا آهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو