ڪپري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 1فوت 5 زخمي

ٽنڊو محمدخان (مظفر علي بروهي)بلڙي شاه ڪريم ڏتاواه اسٽاپ ڀر سان ڳوٺ حاجي خان محمد ڪپري جي اندر ڪپري برادري جي ٻن ڌرين ۾ لٺين ڪهاڙين جي آزادنا استعمال سان جهيڙو جنهن اندر ٻنهين ڌرين جا ڇھ ڄڻا زخمي جڏهن ته زخمي شفيع محمد ڪپري کي ڪهاڙين جا وڌيڪ ڌڪ لڳڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ بلڙي شاه ڪريم آندو ويو ته هو پنهنجي زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو . جڏهن ته فوتي جي والد حاجي حاجي عبدارحيم ڪپري صحافين کي ٻڌايو ته آئون ۽ منهنجا پٽ پنهنجي زمين ۾  سورج مکي جو لبارو ڪري رهيا هئاسين ته عالم  ڪپري پنهنجي پٽن سميت ست ڄڻا وٺي ڪري اسان جي مٿان حملو ڪيائين اسان جا هٿ خالي هجڻ ڪري هنن سان وڙهي نه سگهياسين جن منهنجي پٽن سميت مونکي به لٺين ڪهاڙين سان زخمي ڪري ۽ اسان مٿان هٿيارن جا  فائر به ڪيا خبر موجب بلڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي رورل هيلٿ بلڙي شاه ڪريم کڻائي آئي جتي زخمي شفيع محمد ڪپري پنهنجي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش  وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته جوابدار عالم ڪپري هڪ سندس پٽ  پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي وٺي ڇڏيا. باقي جوابدار فرار ٿي ويا بلڙي ايس ايڇ او قمرالدين راهمون چيو جو چوڻ هو ته باقي جوابدارن جي به ڳولها جاري آهي انشاالله اهي به قانون جي گرفت ۾ هوندا . جڏهن ته فوتي شفيع محمد ڪپري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو