ڪَينپ ٽُو 1100 ميگا واٽ ايٽمي بجلي گهر جو افتتاح

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) چين جي مدد سان ڪراچي ۾ 1100 ميگا واٽ جي ايٽمي بجلي گهر جو افتتاح ڪيو ويو آهي. چين ۽ پاڪستان ۾ ورچوئل افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعطم عمران خان چيو ته هي ڪلين انرجي جو منصوبو آهي جيڪو چين سان 70 سالن جي دوستي جو تحفو آهي. ڪراچي ۾ اڳ ۾ ڪئناڊا جي مدد سان 137 ميگا واٽ بجلي ڪرڻ وارو ڪينپ ون بجلي گهر هو جنهن جي 30 سالن جي لائف 2002 ۾ پوري ٿي چڪي آهي. پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن ان جي باوجود به گهٽ پيداوار لاءِ کيس استعمال ۾ رکيو آهي.

Karachi Nuclear Power Plant 2

ڪينپ ون نيچرل يورينينم تي هلندو هو . هاڻي ڪينپ ٽو جي افتتاح بعد ڪينپ ون بند ٿي ويندو. ڪينپ ٽو لاءِ چائنا جي ايگزم بئنڪ 10 ارب ڊالر جو قرض ڏنو آهي، هن منصوبي جي ڪل لاڳت جو 80 سيڪڙو چين ۽ 20 سيڪڙو پاڪستان حڪومت برداشت ڪيو آهي. جمع کان 1100 ميگا واٽ ايٽمي بجلي گهر جي پيدا ڪيل بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي وئي آهي. ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ٺاهيل هن بجلي گهر جي لائف 60 سال آهي. تجرباتي پيداوار بابت 2015 ۽ 2016 کان هي پلانٽ هلندڙ آهي پر ڪمرشل مقصد لاءِ اڄ پيداوار شروع ٿي چڪي آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا جي جن 10 ملڪن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پاڪستان انهن ۾ شامل آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪلين انرجي جو هي پروجيڪٽ ملڪ لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. وزيراعظم چيو ته هي ٿرڊ جنريشن پلانٽ آهي جنهن لاءِ 40 هزار چيني سائنسدان ايندا رهيا جن اسانجي ماهرن کي سکيا به ڏني. هن چيو ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته جيسين مٿين سطح کان ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيسين ترقي ممڪن ناهي، چين مٿئين سطح تي ڪرپشن ختم ڪئي ته غربت به ختم ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو