ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو جماعت سان رابطو

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي 115 جنرل سيٽن مان 112 جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي. پي ڪي 22 باجوڙ، پي ڪي 91 ڪوهاٽ تي اميدوارن جي وفات سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پي ڪي 90 ڪوهاٽ ون جو نتيجو روڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ ٿيندي. 112 تڪن جي اعلانيل نتيجن مان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته 81 آزاد اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام 7، ن ليگ 5 ، پيپلز پارٽي 4 سيٽون ۽ جماعت اسلامي 3 سيٽون حاصل ڪيون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ بيريسٽر سيف جماعت اسلامي سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي پشاور جي امير بحرالله خان ايڊووڪيٽ ابتدائي رابطن جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو