ڪي اين شاهه ۾ زميني تڪرار، 2 عورتون قتل

خيرپورناٿن شاهه: (ب س) خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ ڪور حسين چانڊيو ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 2 عورتن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.ڳوٺ ڪور حسين چانڊيو ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري روشني ۽ عورت پوپران چانڊيو مارجي ويون جنھن بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا,اهڙي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال خيرپور ناٿن شاھ پهچايا جتي لاشن جي پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو