ڪي اليڪٽر پاران آفيس تي حملي جي مذمت

ڪي اليڪٽر پاران آفيس تي حملي جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لياري جا ماڻهو ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪن ٿا.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا شڪر گذار آهيون جن مظاهرين کي منتشر ڪيو.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هر ڪو بجلي چاهي ٿو پر بل ادا ڪرڻ کانسواءِ بجلي جي مسلسل فراهمي ممڪن ناهي.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته جن علائقن ۾ بجلي چوري ۽ نقصان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن اتي بجلي جي مسلسل فراهمي مشڪل آهي.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته لياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي صارفين کي بلن جي مد ۾ 10 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مڪاني نمائندا بلن جي ادائيگي کي يقيني بڻائين ته جيئن صورتحال بهتر ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو